جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسيءَ جي عمارت کي دلڪش سائين روشنين سان سجايو ويو، ماحول دوست پاڪستان ۽ گرين سنڌ جو پيغام اجاگر،

جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسيءَ جي عمارت کي دلڪش سائين روشنين سان سجايو ويو، ماحول دوست پاڪستان ۽ گرين سنڌ جو پيغام اجاگر،

Posted on: 10 Aug 2026   Tags:

جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسيءَ جي عمارت کي دلڪش سائين روشنين سان سجايو ويو، ماحول دوست پاڪستان ۽ گرين سنڌ جو پيغام اجاگر، ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه

سيپا کي سائي ۽ ڳاڙهي رنگن سان سجائڻ جو مقصد تازو مڪه گڏيل دفاعي معاهدي ۽ انهن ٽنهي ملڪن جي مضبوط برادرانه ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي نمايان ڪرڻ آهي، سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي

ڪراچي (09 آگسٽ): سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي مرڪزي آفيس شهرين جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو. جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسيءَ جي عمارت کي دلڪش سائين روشنين سان سينگاريو ويو. عمارت جي اندرين ۽ ٻاهرين سجاوٽ کي خصوصي گرين ٿيم ۾ ٺاھي ماحول دوست پاڪستان ۽ گرين سنڌ جو پيغام اجاگر ڪيو ويو آهي.
سيپا جي عمارت جي مرڪزي فرنٽ تي سائي، ڳاڙهي ۽ ٻين رنگن جي خوبصورت ميلاپ ذريعي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي قومي جهنڊن جي رنگن کي نمايان ڪيو ويو، جنهن جو مقصد تازو مڪه گڏيل دفاعي معاهدي ۽ ٽنهي ملڪن جي مضبوط برادرانه ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي پڻ نمايان ڪرڻ آهي.
هن موقعي تي سنڌ جي ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري سيڪريٽري فيصل عقيلي چيو ته جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سيپا جي عمارت کي سائي روشنين سان سجائڻ جو مقصد قومي جذبي سان گڏ ماحول جي تحفظ جو پيغام عام ڪرڻ آهي. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ برادرانه تعلقات انتهائي اهميت جا حامل آهن. مڪه مڪرمه ۾ ٿيل تازي گڏيل دفاعي معاهدي انهن تعلقاتن ۾ سھڪار ۽ باهمي يڪجهتيءَ جي اهميت کي ٻيهر اجاگر ڪيو آهي. سيپا جي عمارت کي سائي، ڳاڙهي ۽ ٻين رنگن جو خوبصورت ميلاپ پڻ ان ئي ڀائيچاري ۽ دوستيءَ جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو۔
ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه چيو ته سيپا هر قومي ڏينهن کي ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ جي منفرد انداز سان ملهائيندي آهي. جشنِ آزاديءَ تي عمارت کي گرين ٿيم ۾ سجائڻ جو مقصد شهرين کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته آزاديءَ جي خوشين سان گڏ پنهنجي ماحول جي حفاظت به اسان جي قومي ذميواري آهي. وڻڪاريءَ کي ھٿي وٺرائڻ، فضائي گدلاڻ ۾ گھٽتائي، قدرتي وسيلن جو تحفظ ۽ صاف سٿرو ماحول ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ لازمي آهن. ڊي جي سيپا شهرين کي اپيل ڪئي ته جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي ماحول دوست طرزِ زندگي اختيار ڪن ۽ سرسبز ۽ صاف سنڌ جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

Back